ڀَرَمُ بابت
معنيٰ
پَت، ساکَ، لڄ. حياء، شرم، ننگ. آبرو، عزت، مان. ناموس. ستر.
Honor, good name.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ، اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ، ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ٻوڙِين چاڙِھِينِ تُون ڌَڻِي، ٻي جو دَعويٰ رَسي نَہ دَمُ، ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ، رَکُ ڀيلي جو…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ، ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ، جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- زيرِيين ٻيڙِيين لوھَ ۾، ڳَٽِنِ ڪِيَسِ ڳاھُ، سَنڪي سَندي سُومَري، ھَڏِ نَہ چاڙھِئم ماھُ، سَرَتِيُون دُعا ڪِجاھُ، تَہ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ، جَنھِن مَنجِهہ اَڇِي اُنَ، تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ، غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]