ڀَتارُ بابت
معنيٰ
بچائيندڙ. خدا تعاليٰ، پَتي، خاوند، مڙس. گهر ڌڻي، وَرُ. ڀوتار، سردار.
Saver, God. Owner, husband, giver.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ، پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ، جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي، وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ، ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي موچارِي مَڱڻي، اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ، سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،…[ سُر سورٺ - وايون ]
- مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾، ھائِيءَ وِجهان ھارُ، ڀِري جي ڀَتارُ، تَہ ميرِيائِي مانُ لَهان.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، ھارِي ڳِيَڙُءِ ھارُ، ڪوڙيِين ڪِئا ڪيتِرا، اِنَهِيءَ کَرَ خُوارُ، ڀِرِي وِئو ڀَتارُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڪِتُم سَڀَ ڄمارَ، تَہ پانِي پُورِي نَہ ٿِئي، جِيئي مُون ڀَتارُ، جو ڪوٺي ڏِيندُمِ ڪَپِڙا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]