پاءُ بابت
معنيٰ
پاءُ تور جو ماپو يا وَزن. سير جو چوٿون حصو. (250 گرام) چوٿين پتي، چوٿون حصو.
one quarter of a seer. (250 grams)
بيتن ۽ وائين ۾
- جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پاءُ، مَيو تَنھِن ماڳاءُ، ڏيھاڻِي ڏارَ چَري.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نَہ پاءُ، جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ، لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءُ، لَسِي تَندُ لَطِيفُ چئَي، ھَلِي تَنِ ھَٿان، مَلمَل مَنجهان ماءَ، جٖي سِکِيُون تَنِ سونُ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪا ھِنيَين سين لاءِ ڀورِي، ڪاھِنيين سين لاءِ، پَھِيُون تُنھِنجُون جِهرڪِنِ جَهٽِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ، اَرِٽُ پَسِي اوجَهرين، توکي سُمَهڻَ…[ سُر ڪاپائتي - وايون ]