وَڏائِي بابت
معنيٰ
بزرگي، عظمت، مرتبو، شان. آڪارُ. قدوقامت. عزت. واکاڻ. قد. خوبي، خاصيت، اُچائي، ڳُڻپائي، اُتمتا، ڳڻ، جوهر، فضيلت، اُتر، فوقيت، شرف، قدامت، مغروري، گهمنڊ، هٺ، دماغ، هوءِ، دم، تڪبر.
Greatness, largeness, bulk, bigness, excellence, magnitude, seniority.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَہ ناناڻِيءَ کَٽِئو، نَڪِي ڏاڏاڻِئا، وَڏائِي وَڙَ ٿِئا، مُون سين پِرِيَنِ جي پاران.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ ڪِئا اللهَ، وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ ڌَرَمَ، واحِدَ وَڏائِي ڪِئا، ڪُنڊِيُنِ ساڻُ ڪَرَمَ، سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنھِنجا سُپِرِين.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ سَندِياءِ، وَڏائِي واحِدَ ري، ٻي ڪَنھِن ڪِينَ جُڳاءِ، توبَهَ ڪِئمِ زيوَرَ ذاتِ کان، لوھِيءَ ڇَلي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڪو ڏِينھُن آھِين ڪوٽَ ۾، لوئِي ھَڏِ مَ لاھِ، ڪامِڻِ آنھِنجي ڪُرَ جِي، آڏِ وَڏائِي آھِ، ھِتِ مَ پارِجِ ھيڪِڙو،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]