نَدِي بابت
معنيٰ
درياءُ، واهڙ، نئين، نَھرَ، وڏي نھر، مِٺو درياءُ.
River, valley.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ، اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ، نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گهيڙان ڪَري نَہ گُهورَ، تَڙِ تَڪَڙِ کان نَہ لَھي جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جِئان گِهڙي تِئانِ گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون، ڏَمَ سين جُسو ظاھِرا، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ، سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنھِن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- لهوارا تان لَکَ، ھُونءَ تان ھُرِڀُ ھيڪِڙو، اُڀِيُون اوٻاھَنِ ۾، جُوٺِيون مارِينِ جَکَ، لُڻِيو اُتِ لَطِيفُ چَئِي، ڪُوڙِيُون ٻَڌنِ ڪَکَ،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، اُٿِي اُٺَ نِياڻَ، بَکُ نَدِي ٿَي نِستِيا، پاتائُون پَلاڻَ، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾، سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ، جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري،…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]