مَھايَنِ بابت
معنيٰ
پهلوانَن، دليرنَ، شجاعن، سورهين. همت وارن، جرات وارن، بھادرن.
Heroes, champions. (Adj) brave, valiant, courageous, brave hearts
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا، ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ، مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، ڪو جو زَھَرَ ذَرو، پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو، مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ڇَپَرَ جِيئَن پَھُون، تِيئَن رِڻِ ڳِجُهون پييُون، وَڪا وَڪَنِ گَڏِئا، ڊوڙِئو ڏِينِ ڊَھُون، مَھايَنِ وَھُون، نِيۡرُ مَھانگو ڪَندِيُون.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]