مَينڌَري بابت
معنيٰ
راڻَي جي ذات جو نالو
Surname of Rano.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڍاٽِي گَهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍَلَ وِندَسِئو، ڪا جَا لائِي مَينڌَري، لالِي کي لِڱَنِ، راڻو اَکَڙِيُنِ، ڪَنھِن قَولِ نَہ وِسِري.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ گهاءُ، مَينڌَري مُلاءُ، لَڳُسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڪَثافَتَ جا ڪاڪِ جِي، مَينڌَري مِٽِئامِ، اَوَڳُڻَ عَيبَ سَندامِ، سَڀَ ڍولي ڍَڪي ڇَڏِئا.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- راڻي رِڻُ ڪِئو، جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، ٻُجهان ٻَھَرِ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ اَڳِيين.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ سَکِڻُو، راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، پَچي تَنَ پِئو، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، پَسان…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، وِجُهلَندو وِئو، مُنھِنجو مَنُ مَينڌَري، پائي نِيَرُ نِيو، ٻُجهان ڪو ٻِئو، سوڍي سانگُ چِتايو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- مَيي ۽ مَينڌَري، ڏِٺي ٿِيڙَمِ ڏِينھَن، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ، اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ، وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا مُنھِنجي سوڍي سَمجهائي، جيڏِيُون راڻي کي رَحمُ پَئي، ڇَنا مَنَھَن ماڙِيُون اوڏاھِين اَڏائي، ميڙِ مُنجان…[ سُر راڻو - وايون ]