مَيخاني بابت
معنيٰ
مئخاني، شراب وڪڻڻ جي جاءِ، گُتي، ڪلال خاني، شرابخاني، مَيڪدي.
Bar, pub, tavern.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِجهِج واٽاڙُوئَن تي، مَيخاني جِي ماڪَ، ٿِيندِي سُڌِ سَڀَ ڪَنھِن، ھَنڌِ ھَنڌِ پُوندِي ھاڪَ، پِرھَ جا پِياڪَ، جُھ سي اَڱَڻِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ، پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ، سَرو اُنِ جو سَفِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ، مَتان ڪَڍين…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عِناتا اِتاھِين، جانِي جَڙي ٻَڌُ، آھي گهَڻو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ، چَکين تَہ چَرِئو ٿِيين، مَيخاني جو مَندُ، ڪِينَ ڪَڍَندين…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]