مَوتَ بابت
معنيٰ
وفات، مرگُ، فوتُ، انتقال، مرتيو، مرڻو، رضا، قضا، رحلت. ڪالُ، اجَلُ، اَزلُ، کُٽي. شامت. مصيبت. فنا.
Death.
بيتن ۽ وائين ۾
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، آيو عِزرائِيلُ، جوراڻي سين جيڏِيُون، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ، آيو مَوتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- موٽِي ٿِئا مَعذُورِ جا، حالَ نَہ ڀائِي ھوتَ، لَڳَندي لَڪَنِ سين، پاڻان ٿِيَسِ پوتَ، مَٿي تائِين مَوتَ، سِڪَ ٻاروچي نَہ…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ھاڙھو ڳاڙِھو ھوتَ، ڪيچِي ڪالَهہ لَنگهي وِئا سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي مَٿي تائِين مَوتَ، لَڳَندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَس پوتَ،…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- مَوتَ مُندَ نَہ آھي، تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، وڌائِين وَڍَڻَ لَيءِ، ڳَنُ ڪُھاڙِيءَ پاھي، اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،…[ سُر آسا - وايون ]