مَحڪُمُ بابت
معنيٰ
مضبوط، پائيدار، جٽادار، مستحڪم، برقرار، کپ کوڙ، پختو، ڏاڍو، قابو، سوگهو، اَچل، ٿِر، سخت. اَٽل، اَڻ ٽر، نِسچل.
Firm, tight.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون، مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون، سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَڄُ پُڻ جُڙِئَمِ جوڙَ، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ، جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، پينارَنُون پوءِ، مَحڪُمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَہ ڏِنُسِ جوءِ اُڀو اِيئَن چوءِ، تَہ پِيران پاسي نَہ ٿِيان.[ سُر بلاول - وڳند ]
- اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين، نَڪِي ڪِتُئِي ڪالَهہ، اَرٽَ اوڏِيائي نَہ وَھين، مَحڪُمُ وَٽِيين نَہ مالَهہ، ڀورِي تو سين ڀالَ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]