ماڪُون بابت
معنيٰ
اوس، وِلهون، ماٽون، گهمون، شبنم.
Dews, mist.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ مِينھَن پَوَنِ ماڪُون، سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون، جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا، سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون، نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ٿَرِ ٿاڌيلُون پُونِ، ماڪُون مِينھَن مَلِيرَ تي، ماڙيچِيُون مَحلَنِ ۾، مُورِ نَہ مَٿو ڌُوَنِ، جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]