ماٽِي بابت
معنيٰ
ٺڪر جو ويڪرو پَر سوڙهي منهن سان ٿانءُ، کير ڄمائڻ ۽ جهَڻُ جهڳڻ جو ٿانءُ، چاڏِي.
A large earthen vessel on which pulla fisherman float in fishing. A small earthen vessel for keeping flour etc in.

بيتن ۽ وائين ۾
- وَکَرُ سو وِھاءِ، جو ھِتِ کَٽي ھُتِ سَھانگو، ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ، سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَواريُون، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ، ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ، تُون ڪِيئَن…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جهاٽِي، ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي، ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي، پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- گهُوماٽِيُون گهُمَنِ، اَندَرَ سَندَنِ اَنِراَ، آتَڻِ ڪِينَ ڪَتَنِ، سَڄَڻُ آھيِن سارِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]