لُوھَ بابت
معنيٰ
گرمي ساڙو، باھ، تَوءَ، ڪوسي هوا، لُکَ، لُڪ، گرم واءُ، لُوءَ، گُهتون، گوئي تکي هوا، ڪوسو واءُ، بيابان جو جهولو، باد سَمُومُ، ڪوسي ڇَرَ، اَولڙ، سخت باھ، باھ جي ڄِڀي، باھ جو گرم جهولو، پاري جي سَٽَ.
A hot wind, simoom. A sally, spring, rush, attack, onset.
بيتن ۽ وائين ۾
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي تُھارَ، ڄَنگهَہ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسِي کي سيسارَ، چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِھِيَسِ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- جَي مُون مَنجهان رُوحَ، وَڃي ساڄَنُ وِسَرِي، تَہ مَرُ لَڳي لُوھَ، ٿَرَ ٻاٻِيھو ٿِي مَران.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- لَڳِي مُون کي لُوھَ، وِرِھَ لاٽُون لايُون، رازُ جَنھِن سين رُوحَ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]