غَمَ بابت
معنيٰ
ڏک، دُک، گوندر، رنج، افسوس. مَلال، شوڪ، ارمان. درد، تڪليف، صدمو. اندوھ، فڪر.
Grieves, sorrows, anxieties, cares.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ، ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ، قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، اُٿي وِجُهہ وَڙولَ، سُتِيُنِ تان سَيِّدُ چئَي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ، ٻَھُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڇڏِئو جَنِ ڀَنڀورُ، ڇَپَرُ تَنِ کي ڇاڙِڪِي، ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- اَکِيُنِ جا آگَمَ، مُون تان لاھِ مَ سُپِرِين، ڪَري مَلارَ مِينھَن جِيئَن، وَسي لاھِ وَھَمَ، تو ڏِٺي مُون غَمَ، ڏِينھَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]