غَمَ جي سنڌي معنيٰ
ڏک، دُک، گوندر، رنج، افسوس. مَلال، شوڪ، ارمان. درد، تڪليف، صدمو. اندوھ، فڪر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Grieves, sorrows, anxieties, cares.
غَمَ جا بيتن ۾ حوالا
سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ،
ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ،
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 2 ]
ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ،
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 2 ]
ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، اُٿي وِجُهہ وَڙولَ،
سُتِيُنِ تان سَيِّدُ چئَي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ،
ٻَھُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪيچَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 23 ]
سُتِيُنِ تان سَيِّدُ چئَي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ،
ٻَھُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪيچَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 23 ]
ڇڏِئو جَنِ ڀَنڀورُ، ڇَپَرُ تَنِ کي ڇاڙِڪِي،
ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 3 ]
ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 3 ]
اَکِيُنِ جا آگَمَ، مُون تان لاھِ مَ سُپِرِين،
ڪَري مَلارَ مِينھَن جِيئَن، وَسي لاھِ وَھَمَ،
تو ڏِٺي مُون غَمَ، ڏِينھَنِ جا ڏُورِ ٿِئا.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 26 ]
ڪَري مَلارَ مِينھَن جِيئَن، وَسي لاھِ وَھَمَ،
تو ڏِٺي مُون غَمَ، ڏِينھَنِ جا ڏُورِ ٿِئا.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 26 ]
English Meaning
Grieves, sorrows, anxieties, cares.