غَمُ گُسارُ جي سنڌي معنيٰ
غم ڪٽيندڙ، دک دور ڪندڙ. همدرد، غمٽار، غمخوار. بيمار جي خبر رکندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who shares grief, comforter, sympathizer, consoler, patient's well wisher
غَمُ گُسارُ جا بيتن ۾ حوالا
جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيُمِ قَلبُ قَرارُ،
وِچائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسارُ،
نِظارو نِروارُ، پِيَ پَسايُمِ پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 4 ]
وِچائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسارُ،
نِظارو نِروارُ، پِيَ پَسايُمِ پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 4 ]
جاڳائي جَتَنِ، گورا گَسِ ھَلايا،
پَھتِي ريءَ پَھاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ،
سُونھان جٖي سَردارَ سين، توڏَ مَ تَرٽِجَنِ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، لَنگِهئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِھَڙو غَمُ گُنگَنِ، ھوتُ حِمايَتِي جَنِ جو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 12 ]

ڪاڪِئا قاصِدُ آيو، راڻي پاسِ رَمِي،
چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي،
نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي،
ڪونِهي ٻِئو ڪَرَمِي، جِھو تو جَھانَ ۾.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 6 ]