عُقابِي بابت
معنيٰ
عقاب پکيءَ جي تُز ۽ چست ديد يا اکين جيان، عقاب وانگر، عقابي اکيون (تيز جيڪي نشاني تي ٺيڪ لڳن).
Having eagle eye, with eagle eye. Sharp and steady.
بيتن ۽ وائين ۾
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، بارِي توکي بانَ، اُڀو اَڳِرايُون ڪَرِيين، ماڳِ ھَڻِئو مَستانَ، جانِبَ تُون زِيانَ، اَکِيُنِ سين ايڏا ڪَريين.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، تِيرَ تِکا تو کي، ساجَنَ اِنَهِيءَ سُورَ جِي، ڪَلَ نَہ آھي ڪَنھِن کي، مارِيين ٿو مُون کي،…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ، ساجَنَ اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻا فَقِيرَ، ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھرِيون ئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- عُقابِي اَکِيُنِ سين، تِيرَ چَلايا تو، ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنھِن جو پَھرِيون پُورو نَہ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]