عاجِزُ بابت
معنيٰ
ڪمزور، نستو، هيڻو، بي وس، بي پھچُ، نَاتوان، لاچار، مجبورُ، مَعزُورُ، ويچارو. ٿڪَلُ، مَاندو، پريشانُ، مايوس. نماڻو. وِرچيلُ. دُکِي، سَتَايَل. غريب، مِسڪِين، محتاج.
Weak, powerless, poor, pityful, disable, tired, dependent.
بيتن ۽ وائين ۾
- عِشقَ تُساڏي مَين عاجِزُ ڪِيتِي وو مَيڏي مِيان، دَردَ رانجَهن دي گهايَلِ ڪِيتِي، ھِڪُ جِيئَن سُھڻا، ٻِيجِي بي پَرواھِي، ويڄَ…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- وِھَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، جَي سِکين تَہ سَگهو ٿِيين، اَڳِين عادَتَ مَٽِ، تَہ اَگها عاجِزُ نَہ ٿِيين.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- جَهلي تان نَہ رَھان، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، اَپَرِ عاجِزُ آھِيان، لالَڻُ جان نَہ لَھان، فَردا مُون ڦِٽِي ڪِي، واعِدي…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- اُو ڪَمتَرِ ڏِسجَنِ ڪَٿھِين، جي پُنهونءَ پِيارِيُون، اَڳِئان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زارِيُون. ڏِنگِيُون جٖي ڏارِيُون، آرِي عاجِزُ اُنِ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- سَڌَرُ شَھتِيرَنِ ۾، ڀَرَجَهلو بارِي، مَنَھَن مُنِي جَکِرو، طامِعَنِ تارِي، سَمي سُوالِيَنِ کي، ويلھَ وِسارِي، پُڇي سي پارِي، جَي عاجِزُ…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]