صِراطَ بابت
معنيٰ
رستو، راھ، گس. اهل اسلام جي عقيدي موجب دوزخ ۽ بھشت جي وچ ۾ وار کان سنهي ۽ تلوار کان تکي هڪ پُل جو نالو.
Road, path, way, direct road or passage. Name of a bridge over which (in the belief of Islam) the righteous will pass into Paradise, and from which the wicked fall into hell, on the day of judgment.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ، ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ صِراطَ جِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- سَڀَيئِي سَنئينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهائِين واٽَ، سَھُکِي ڪَرِين سَچا ڌَڻِي سُڄي جا صِراطَ، سُپيرِيان جي ساٿَ، لَڱو لائُون ميڙِيين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾، جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو، ميڙو ٿِيندو…[ سُر سارنگ - وايون ]
- مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا، اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا، سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]