شَھَرَ بابت
معنيٰ
گهڻن ماڻهن جي گڏجي رهڻ جا هنڌ، بَستيون، ڳوٺ، گامَ، قصبا، ٽنڊا، مدينا، بلدہ، ننگر.
Towns, cities, settlements.
بيتن ۽ وائين ۾
- چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، ماڻُهو شَھَرَ ڀَنڀورَ جا، سا موٽِي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِئا.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي، ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو، وَسِيلو وِلِهِيءَ جو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾، جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري، لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ڀُلِئو سَڀَ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ ھوتَ نَہ ھَلِئو، شَھَرَ سُڃاتو ڪِينَڪِي، آرِياڻِي اَتورُ، مارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- جانۡ تُون وَڃين ڪيچِ ڪَھِي اي اَدا، ڏِجِ پارانڀو پِرِينءَ کي، مُون مُٺِيءَ مَٿان ڪيتِرا، وِئَڙا ڪانگَ لَنِئي، آئُون ڦوڙائِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ، مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ، جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]