شَرابَ بابت
معنيٰ
نشيدار عرق، انگورن جو چڪايل رَسُ، مَئي، مَڌُ، شراف، دارُون.
Wine

بيتن ۽ وائين ۾
- مَ ڪَرِ سَڌَ شَرابَ جِي، جَي تُون ٽارِين ٽُوھُ، پِيتي جَنھِن پاسي ٿِئي، مَنجهان رڳُنِ رُوحُ، ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُه پَچارُون ڪَنِ، جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ، پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ، نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،…[ سُر سھڻي - وايون ]