سِڙُه بابت
معنيٰ
ٻيڙِيءَ جو واءَ جهليندڙ ڪپڙو، بادبانُ، شراع.
The sail of a vessel.
بيتن ۽ وائين ۾
- ايندين تان آءُ، ھَڻِي ھَٿُ پَڳَھَ ۾، لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙُه سانباھِي نَہ سَھي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- ٻيڙِيءَ جٖي ڀُڻَنِ، نِينھُن نَہ ڪِجي تَنِ سين، اُڀا ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُھ ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- کُوھا ٿا ڏِسجَنِ، وَڙَڪَنِ اُڀِيُون وانئُيِٽوُن، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪالَهُون پوءِ ٿا ڪَنِ، تُون نَہ پَڄَنديِنءَ تَنِ، جُھ سِڙُه ڏيئِي…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين، وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ، ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي، سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا،…[ سُر سامونڊي - وايون ]