سُوڌو بابت
معنيٰ
سِڌو، سنئون، سنئون سِڌو. سُبتو. اُڀو، کڙو. ٺيڪ، برابر، درست، صحيح، پورو. بجا. ايماندار، سچو، سُپتيو، سچار. سولو، سڦرو، سريکو، پورو پورو.
Straight, honest, candid, level, upright. With, along with, accompanied by, associated with, until, up to, till, included, inclusive of.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي، تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ، آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي، سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- سُوڌو سِڱَرِيَنِ سين، ڪِي جو ڪَھيائُون، ھُوءِ جٖي ھَنيائُون، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا، سُوڌو سي نَہ سُڻِينِ، اَندَرِ جٖي آھِينِ، سُڻُ سَنِيھو تَنِ سين.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- لِيلان لُڇُ مَ ايتِرو، اُٿِي اَڱڻُ سورِ، ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- سِرُ نايو سَجِدا ڪَرِيين، تَنَ تَواضِعُ تو نَہ، ھُو جو مَڻِڪو مَنَ جو، جان سُوڌو سورِيُئِي سو نَہ، ڪُوڙا ٿِيندُءِ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُ ڏِينسِ، آڌِيءَ اِستِغفارَ جو، کَرڙو خاصُ ھَڻِينسِ، توبَهَ تَلُ ٿاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ، مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ، ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]