سَلُ بابت
معنيٰ
ڏَس، ٻُڌاءِ، سُڻاءِ، ڏَسُ ڏي، پتو ڏي، خبر ڏي. ظاهِرُ ڪَر. سَچي ڪر. پارُ ڏي، باسِ، قبول ڪر، مڃُ، اِقرارُ ڪر، رازُ اورِ.
Disclose, divulge, give information, perforate.
بيتن ۽ وائين ۾
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ، آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ، مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي ھَلُ، عُذرِخواھِيُون عاجِزيُون، سَسُئِي ڪَنھِن مَ سَلُ، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئُن ري ڪونهي لَلُ، اِيءُ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھاڙِھي ھَڏِ مَ ھَلُ، ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڳالِهہ مَ سَلُ، جانِبَ لاءِ مَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سُورَ ڪَنھِن مَ سَلُ، مَڇُڻ ڄِڀَ ڄَراٽِئين، ھَڏُ ڪَرنگهَرُ مِکُ، مَنجهِئِي مَحَوُ ٿِيي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ڍولَڻَ دا مَينُون، سَلُوڻي دا مَينُون، اَوڳُڻَ بِيَ ڳُڻَنِ جيھا، آپُ نَہ آوي لِکُدا جونَھِين، نَڪو سارَ سَنِيھا، آئُون لِکَندِي…[ سُر رامڪلي - وايون ]