سَلُ جي سنڌي معنيٰ
ڏَس، ٻُڌاءِ، سُڻاءِ، ڏَسُ ڏي، پتو ڏي، خبر ڏي. ظاهِرُ ڪَر. سَچي ڪر. پارُ ڏي، باسِ، قبول ڪر، مڃُ، اِقرارُ ڪر، رازُ اورِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Disclose, divulge, give information, perforate.
سَلُ جا بيتن ۾ حوالا
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ،
آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجايُون کَرَنِ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 1 ]
آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجايُون کَرَنِ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 1 ]
مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي ھَلُ،
عُذرِخواھِيُون عاجِزيُون، سَسُئِي ڪَنھِن مَ سَلُ،
ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئُن ري ڪونهي لَلُ،
اِيءُ ڀَلائِيءَ جو ڀَلۡ، جِيئَن پاسي ٿِيَڻُ پاڻَ کان.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 13 ]
عُذرِخواھِيُون عاجِزيُون، سَسُئِي ڪَنھِن مَ سَلُ،
ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئُن ري ڪونهي لَلُ،
اِيءُ ڀَلائِيءَ جو ڀَلۡ، جِيئَن پاسي ٿِيَڻُ پاڻَ کان.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 13 ]
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھاڙِھي ھَڏِ مَ ھَلُ،
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڳالِهہ مَ سَلُ،
جانِبَ لاءِ مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 17 ]
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڳالِهہ مَ سَلُ،
جانِبَ لاءِ مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 17 ]
سُورَ ڪَنھِن مَ سَلُ، مَڇُڻ ڄِڀَ ڄَراٽِئين،
ھَڏُ ڪَرنگهَرُ مِکُ، مَنجهِئِي مَحَوُ ٿِيي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 27 ]
ھَڏُ ڪَرنگهَرُ مِکُ، مَنجهِئِي مَحَوُ ٿِيي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 27 ]
English Meaning
Disclose, divulge, give information, perforate.