سَلامِي جي سنڌي معنيٰ
نِهٺائِي، نُئِڙَت، نيازُ، حَلِيمائي، سَلامُ، بندگي، تَعظيمُ، شانُ، تَسليماتِ، تسليم، عِزَت، مانُ. کانڌ. اِستَقِبالُ، آجيانُ، آڌرڀاءُ، پيشوائي، مَرحبا، ڀَلي ڪار، خوش آمَدِيد. توبن يا بندوقن جي فَيرَن سان ڏِنل تَعظِيمَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A present given on paying respect to a superior. A salute, a slope, sloping down, slant. adj. Of making salam or submission.
سَلامِي جا بيتن ۾ حوالا
وِرھُ جَنِ وَٿاڻُ، سُورُ سَلامِي تَنِ جو،
جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ،
جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ ڪِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 8 ]
جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ،
جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ ڪِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 8 ]
اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي،
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي،
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
ڄارو ڄامَ ڪُلِهي ڪِئو، عِشقُ اِيئَن ڪَري،
سَمي جي سُھاڳَ جو، مِينڍو ڳُتو مي،
جَنِ نَہ وِھارِي وَٽِ ۾، ٿِئَڙا سَلامِي سي،
عالَمُ اِنعامِي ڪِئو، نُورِيءَ نازُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 1 ]

ھُئِي ميئِنِ جِھَڙِي مي، خِدمَتَ کَڻِي کَرِي ڪِي،
جَنِ وِھَڻُ نَہ ڏِنُسِ وَٽِ ۾، ٿِيُون سَلامِي سي،
ڄامَ تَماچِيءَ کي، تَنَ ۾ ڏِنائِين تَڪِيو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 11 ]
جَنِ وِھَڻُ نَہ ڏِنُسِ وَٽِ ۾، ٿِيُون سَلامِي سي،
ڄامَ تَماچِيءَ کي، تَنَ ۾ ڏِنائِين تَڪِيو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 11 ]
سَڏِ پُڻ سَلامِي ٿِئا، وَهِيءَ پُڻِ وَرِئا جٖي،
آهي تَنِي کي، مَھِندان ماڳُ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 11 ]