سانجِهيءَ بابت
معنيٰ
سج لهڻ سان لاڳو پوءِ وارو وقت، شام جو وقت، نِماشام، مغرب
Late evening, sunset

بيتن ۽ وائين ۾
- وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري ، گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ، سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، سانجِهيءَ رَھَنِ سُمَهِي، بُکَ مَرَندي بِکِئا، ڪَنھِن کان ڪِينَ گُهرَنِ، ڦَڪِي فَقِيرَنِ، ماڳِئا پِنِي ماٺِ جِي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سانجِهيءَ ويرَ، سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، ڀِرَنِ اِھَڙا ڀيرَ، پِرھَ اُکاڙِيَسِ پيرَ، ھَلِي دانِھياڻِي ڏانھَن داسَڙي.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- کِلِي ھارُ ھَٿِ ڪِئوءِ، ٿِيئَن سَرَھِي سانجِهيءَ ويرَ، خَبَرَ نَہ پييَئِي تِهيرَ، تَہ پِرھَہ ٿِيندِينءَ پَڌِرِي.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سَرَ ۾ سانجِهيءَ وارَ، مورَنِ مانڊاڻا ڪِئا، سَٽُون ڏِينِ سَپَنِ کي، ڪارايَلَ ڪَنڌارَ، ماري نانگَ اَپارَ، وِھُ پِيتائُون وٽِيين.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]