سامانُ بابت
معنيٰ
مال، شيءِ، ٿوڪ، وٿ، توشو، مڏي، اسبابُ، ٽپڙ. ملڪيت، مالي، جائداد، املاڪ. اوزار، هٿيار.
Good, property, articles, apparatus, materials.
بيتن ۽ وائين ۾
- ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون، جَنِ ساري کَنيو سَمُنڊَ ۾، سَفَرَ جو سامانُ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، تَنِ لَنگِهئو طُوفانُ،…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو، مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ، شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ غَرِيبَنِ گُذارنُ، اُنَ اوڍَڻُ اُنِ جو، ڪَنِ سائين جو سامانُ، آگا ڪَرِ اِحسانُ، تَہ ويٺاھُونِ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون پائِينديُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ڪَنِ سانئَين جو سامانُ، ڪوھُ ڪَرِيان آئُون کَٽُنِ کي، مِٽِي…[ سُر مارئي - وايون ]