راڳَ بابت
معنيٰ
علم موسيقي، سنگيت، سرن جي لاھ چاڙه جو هڪ مقرر ماڻ. امروهي کان اروهي تائين ۽ اروهي کان امروهي تائين مقرر سرن جي ميلاپ مان پيدا ٿيل خاص آلاپ. ڳائڻ. نغمو، سرود. گانو.
Mode in music, which are six in number song, ballad, tune. Melody.

بيتن ۽ وائين ۾
- وارو مُون وَڻِڪارِ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏيِين، آھي اَسُونھِن جِي، مَٿي تو مَيارَ، وِڙِھِئا ويراڳَڻِ سين، لَڪَنِ جا…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين، چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين، ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين، وينَتِيُون…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا مَحَلَ ماڳَ، سوڍي جي سَرَتِيُون، وِڌِيَسِ وَھَ ويراڳَ، سُورَنِ لايا ساڳَ سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سِنڱي سالَ وَڄاءِ، مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ، ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ، مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ، بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، ھارِي پاتُئِي ھَسُ، تو ڀانيان مُون سان ھُوندا راڳَ رِھاڻِيُون رَسَ، وَرِي وييَئِي وَسَ، تي آيُئِي ڏَنءُ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]