دِلو بابت
معنيٰ
پاڻي رکڻ لاءِ مٽي جو ھڪ ٿانءُ، گهَڙو، ننڍو مٽ.
A kind of earthen pot or vessel.

بيتن ۽ وائين ۾
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فَرِمايو فَتاحَ، ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فائِقَ فَرِمايو، ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھِڻِيءَ کي سَعيو، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، اوڏاھِين آيو،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]