دَنگِي بابت
معنيٰ
ٻيڙيءَ جو هڪ قسم، وڏي ٻيڙِي، سامونڊي ٻيڙي، ننڍو واپاري جھاز.
A kind of sea boat, a trading vessel.

بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري، دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري، طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- دَنگِيءَ ۾ داڻا، وَٺِي وِجُهہ وَکَرَ جا، وِيرِ وِڙَھِندَيِئِي ويسَرا، ويھُ مَ ويڳاڻا، ھِيءَ نِنڊَ نِڄاڻا، ڪَڏِھِين ھَڻَندَيِئِي تارِ ۾.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي، ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا، مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]