دَرسَنُ بابت
معنيٰ
ڏسڻ جي حالت، ديدار، مُشاھدو، ڏيک. تماشو، نظارو، ڏيکاءُ. زيارت، ملاقات، مُکاميلو، گڏجاڻي، ميلاپ، دَرشَن.
Seeing, an interview, visiting an idol
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ، جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ، پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جيڏِيُون جَهلَ مَ پايو، آئُون ويندَڙِي پار پِريَن جي، اَدِيُون روزَ اَلَستَ جي، ڏُونگَرَ ڏيجُ مُون آيِو، مُون کي ڏِينھَن…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو، مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،…[ سُر ديسي - وايون ]