دَرسَنُ جي سنڌي معنيٰ
ڏسڻ جي حالت، ديدار، مُشاھدو، ڏيک. تماشو، نظارو، ڏيکاءُ. زيارت، ملاقات، مُکاميلو، گڏجاڻي، ميلاپ، دَرشَن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seeing, an interview, visiting an idol
دَرسَنُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ،
جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 24 ]

جيڏِيُون جَهلَ مَ پايو، آئُون ويندَڙِي پار پِريَن جي،
اَدِيُون روزَ اَلَستَ جي، ڏُونگَرَ ڏيجُ مُون آيِو،
مُون کي ڏِينھَن مِيثاقَ جي، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارئو،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، پِرِيَنِ پاڻُ پَسايو.
[ سُر معذوري، وايون، 13 ]

ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو،
مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،
رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تا ڪا گهَڙِي ھِتِ گهارِئو،
سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو، تَنھِن مَعذُورِ کي اَئِين مَ چارَئو،
موڙي مَڃَرَ ڏارِيُون، چانگَنِ کي اَئِين چارِئو،
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ جو، آڳاندِو ڏَڍُ آھِيو،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، لَڪِيُون لَڪَ لنگهايو.
[ سُر ديسي، وايون، 4 ]