حَشَرَ بابت
معنيٰ
مسلمانن جي عقيدي موجب الله هن دنيا کي قيامت کان اڳ تباھ ڪري هر هڪ ساھواري کي ٻيھر جيئرو ڪري، ان کان سندس عملن جو حساب وٺندو. هن سڄي عَمل کي حَشر سڏبو آھي.
The resurrection, mourning. The day of judgement.
بيتن ۽ وائين ۾
- ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو، حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ، ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين، رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن، اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي،…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]