حَشَرَ جي سنڌي معنيٰ
مسلمانن جي عقيدي موجب الله هن دنيا کي قيامت کان اڳ تباھ ڪري هر هڪ ساھواري کي ٻيھر جيئرو ڪري، ان کان سندس عملن جو حساب وٺندو. هن سڄي عَمل کي حَشر سڏبو آھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The resurrection, mourning. The day of judgement.
حَشَرَ جا بيتن ۾ حوالا
ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو،
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي، جِيئَن مُومَلَ وَسَنِ مِينھَن،
سَندي حَشَرَ ڏِينھَن، سوڍو سارِييندِينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 2 ]