حَرَفَ بابت
معنيٰ
اکر جيئن ”اب ت وغيرہ“. لفظن جا پَدَ، لفظ، جملا، ڪلما، ڀُڻڪا، سخن، اقوال، ڳالهيون، ميارون، تھمتون، الزام، ڏوھَ. ڪنھن بہ ٻوليءَ جي ”الفابيٽ“ جا اکر. آواز ظاهر ڪرڻ جا نشان. (لغوي معنيٰ طرف. پاسا، ڌارَ. ڪنارا، جبل جون چوٽيون.) حَرُفِ تَهَجّي.
Letters, blames, faults.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ پوڄَ، جَڏھِن مَھِراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرَفُ نَہ گَڏِئو حَرَفَ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ، سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ، فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- جَو ڏيھَ ڏاڏاڻا آيو، ڏِنُمِ تَنھِن طَعنو، پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو، مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئَي، کاءُ مَ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جَو ڏيھَ ڏاڏاڻِئان آيو، پيرين تَنھِن پُئان، سانگاتُوءَ سَيِّدُ چئَي، سَندِيُون چِتَ چُئان، ھِتي تان نَہ ھُئان، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ سين، پَھِي پاکِي پَٽِڙِي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي، ھِتي تان نَہ ھُئان، پيرُ…[ سُر مارئي - وايون ]