جادَمَ بابت
معنيٰ
سمي خاندان مان هڪ مشھور سخي حاڪم جو نالو.
Name of a famous & generous king of Sama dynasty.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَسِي پاٺُ پُرِ ٿِئو، سَندو جادَمَ جُودُ، مَڱَ وِھاڻِيءَ مَڱڻا، مَٿو ھِينئَرَ مَوجُودُ، بَلڪِ آھي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ھَٿان جادَمَ جَکِري، وَٽِيءَ وِچُ نَہ پوءِ، پِي پِي سو پُرِ ٿِئي، جو حاتِمَ پاسي ھوءِ، ڪيفَ ڌاران ڪوءِ، شَلَ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- رَاھُو جا رَھِئامِ، سَنِيھا سَرِيرَ ۾، ٻِئا دَرَ وِسَرِئامِ، ڏِٺي جادَمَ جَکِري.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نَہ ٻِئا چَڙَھنِ، تَہ ڪوھُ کُوھَ کَڄَنِ، جُھ سَرُ لَڀي سُڀَرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]