بُڪِيُون بابت
معنيٰ
گُردا، مثانا
Kidneys

بيتن ۽ وائين ۾
- ٽانڊين ڪانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي، ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي، تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي، ويڄَنِئان…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري، ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري، جَو لَڳُمِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڪِئائُون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنُورا، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا، سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِنگاَ وَرَ واٽُنِ، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، آرِيءَ لَيءِ آٽَنِ، ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ دِلِ ۾ ديڳِ چاڙِه، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ، تَہ قادِرُ تُنھِنجِي ڪارِ، خالِقُ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]