بُوندَ بابت
معنيٰ
مِينھن جي ڪَڻِي. سنهي ڦُڙ ڦُڙ. سنهون مِينھن. پاڻيءَ جي ڇاٽَ.
A drop.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَنجهان پيئِي مَڪُڙِيءَ، ڪا جَا پاڻِيءَ بُوندَ، سيئِي ڏِٺَمِ رُوندَ، وَکَرُ جَنِ وِڃايو.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- مِلجان مِلجان مِلجان، سَڄَڻَ سانُون چورِي چورِي، بادَلُ بَرَسي وِڄُڙِي جا چَمڪي، بُوندَ پَڙِي ٿوڙِي ٿوڙِي، صاحِبُ دانا بي نِشانا،…[ سُر سارنگ - وايون ]
- وِڄَڙِيُنِ ويسَ ڪِئا، مَٿان آئِي مُندَ، اَکِيُون اَباڻَنِ ڏي، بَسِ نَہ ڪَرِينِ بُوندَ، هِيئَن نَہ ٿِيَسِ هُوندَ، جَي ڪَرَ لَڌائُون…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]