اَوَلِ بابت
معنيٰ
پھريائين، اڳ ۾، منڍ ۾، شروعات ۾، ابتدا وغيرہ
First, the first, initial,
اول: مشرق ۾ دستور آھي، تہ ھرڪو ڪم خدا جي ساراھ سان شروع ڪبو آھي. حديث ۾ آيو آھي: کل امرذي بال لم يبدءِ باسم الله فھو ابتر“. يعني ”ڪوبہ وڏو ڪم جو خدا جي نالي سان شروع ڪيو نٿو وڃي، سو اڌوروئي رھجي ويندو“. اھو رواج نہ فقط مسلمانن ۾ آھي پر ھندن زردشتين وغيرہ ۾ پڻ.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي، قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ، والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ، نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي، ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- اَوَلِ آخر آھِ، ھَلَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ڏي، پورِهئو سَندو پورِھَيتين، والِي ڪِيمَ وِڃاءِ، سو مُون ٿورَو لاءِ، جِيئَري مِلان جَتَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- اَوَلِ نامُ اللهَ جو، مِڙنِئُون مَٿاھُون، ڪِيئَن ڪَري قَبُولِئان، عُمَرَ کي آئُون، رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي اُتي مَڃِيُون.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون، سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا…[ سُر مارئي - وايون ]