اَجهو بابت
معنيٰ
پشت پناھ، پردو، ڍَڪُ، بچاءُ، آسرو، سھارو. گهَرُ، رهڻ جي جاءِ. مٿي لڪائڻ جو هنڌ.
Support, home, safeguard, veil, cover, safety, security.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَنڊَ کي چورائي جُهڙَ جَهپيئيِ نَہ وَڃيين، اُونداھِي آھي، اَجهو عاشِقَنِ جو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ مَ اُڀِرُ سَنجَهہ، تَہ اُونداھِي اَجهو ڪَرِيان، ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ٻوڙِين چاڙِھِينِ تُون ڌَڻِي، ٻي جو دَعويٰ رَسي نَہ دَمُ، ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ، رَکُ ڀيلي جو…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو، لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي، وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اَجهو ڪِئو آرِي، ھِيءَ ويچارِي، وَئِي ڪاھِيندِي ڪيچَ ڏي، آئُون پِيادي پَنڌُ گهَڻو، واٽُنِ تي واري، پُنهون پِيادِيَنِ جا، بارَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- وِلِهُون ويلا واءَ، سامِيَنِ سَٺا سِرَ تي، اَجهو ري اللهَ، ڪونِهي ڪاپَڙِيَنِ جو.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ، اُپَڙِي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- تُون اوڍَرُ تُون اوڍَڪو، تُون اَجهو تُون آڳُ، ھِتِ پُڻ تُنھِنجو تَڪِئو، مَھِندِ پُڻ تُونھِين ماڳُ، سي لورِيُون ڏِينِ نَہ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- ڏيئِي جَي ڏُھاڳُ، مُون کي وَرَ وِھارِيين، مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سُھاڳُ، اَجهو تُون آڳُ، وَڏو آھِينمِ وَلَها.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]