آٽِي بابت
معنيٰ
(ملي جُلي، ڳري) ميلاپ. ااندر جي اُٿل پُٿل. ويڙهي سُٽَ جي، ڍيري، آٽ.
Mixed. melt down, meeting, reel of cotton.
بيتن ۽ وائين ۾
- ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري، آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري، دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- آٽِي ٿِيءُ اَڱارَ، کامِي کِردارَنِ سين، پَسِين سي نَہ ڀَتارَ، پُرِ پِيتوءِ جَنِ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي، پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- سُڻُ جٖي اُھِڃَ اُکِتَيانِ، سُومَرا سَندانِ، لَڪين ٻَڌَنِ لوئِيُون، ٻِئا ويڙِھِيين واھيراَنِ، سيئِي سَنبِرِئامِ، عُمَرَ آئُون آٽِي مَران.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]