آدَمُ بابت
معنيٰ
پھريون ماڻهو، انسان ذات جو ڏاڏو. خليفة الله. پھرئين پيغمبر جو نالو حضرت آدم عليه السلام. خَلقَ،ماڻهو، آدمي جمع ۾. انسان، مانس.
Adam. The first man and father by Eve of Cain and Abel. : the unregenerate nature of man. used especially in the phrase the old Adam. Mankind, Human kind.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَہ آدَمُ نَہ حَوا ھو، نَڪِي خَلَقِيو، ڪاٿَي ھو تَڪِيو، تَڏِھِين تُنھِنجي رُوحَ جو.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- اِجهو آدَمُ آيو، ڪُلِهي تي ڪوڏارِ، ٻَنِيءَ مَنجهان ٻارِ، کَنيائِين خُلَتَ جِي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- آدَمُ ڪَلَ اللهَ جِي، آھي جَلِيلَ سَندِي جاءِ، ڪَعبو اُھوئِي آھِ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]
- نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَڪو لِڱُ لَحَمُ، بَنِئو ھو نَہ بُتَ ۾، اَڃا ڪِي آدَمُ، مُون تَوِھِين سين سَڱُ،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]