آدَمُ جي سنڌي معنيٰ
پھريون ماڻهو، انسان ذات جو ڏاڏو. خليفة الله. پھرئين پيغمبر جو نالو حضرت آدم عليه السلام. خَلقَ،ماڻهو، آدمي جمع ۾. انسان، مانس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Adam. The first man and father by Eve of Cain and Abel. : the unregenerate nature of man. used especially in the phrase the old Adam. Mankind, Human kind.
آدَمُ جا بيتن ۾ حوالا
نَہ آدَمُ نَہ حَوا ھو، نَڪِي خَلَقِيو،
ڪاٿَي ھو تَڪِيو، تَڏِھِين تُنھِنجي رُوحَ جو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 21 ]

اِجهو آدَمُ آيو، ڪُلِهي تي ڪوڏارِ،
ٻَنِيءَ مَنجهان ٻارِ، کَنيائِين خُلَتَ جِي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 25 ]

آدَمُ ڪَلَ اللهَ جِي، آھي جَلِيلَ سَندِي جاءِ،
ڪَعبو اُھوئِي آھِ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 26 ]

جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي،
اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها لاھي لَڏَ،
اَگَلَنِ کي اوڏو وِھي، گَندا ڪَري گَڏَ،
ڪِھڙا جَڏَ جَڏوئِيين، جُودَ مَهِندان جَڏَ،
اَڳِئان عَجِيبَنِ جي، مُشُڪِلُ ڪينِهي مَڏَ،
آدَمُ تِئان خَلَقِئو، ھُوءَ جا کَڄي مَنجهان کَڏَ،
سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھيڻا جَنِ جا ھَڏَ،
سانگِيَنِ جِي سَيِّدُ چئَي، ڄامَ پَرتَئِي لَڏَ،
جِيءُ جِيءُ تَماچِي ڪَري، سُڻِئو نُورِيءَ سَڏَ،
ادا اِنَهِيءَ پارَ جا، موڙي اَچو مَڏَ،
غافِلِي ڪُفرِي، ايڪَ نَہ سُئَيءِ سَڏَ،
ھُوءِ جُنبِئا جابانَ ڏي، تُون سُتو ساھِيين ھَڏَ.
اَوِلِيَ ۾، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڄَڻَ ڏِيندو سَڏَ.
[ سُر رِپ، وايون، 1 ]

نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَڪو لِڱُ لَحَمُ،
بَنِئو ھو نَہ بُتَ ۾، اَڃا ڪِي آدَمُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 5 ]