ھِمَٿَ بابت
معنيٰ
دليري، شڪتي، شجاعت، بھادري، قوت، سگهہ، ٻَلُ، ٻلواني، پھلواني، سورهيائي، جرات، طاقت، توفيق. ارادو، عزم، عالي حوصلو، قصد، دل جو مضبوط خيال.
Spirit, resolution, courage, bravery, energy.
بيتن ۽ وائين ۾
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ساڻُ ھِمَٿَ، جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ، ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ، سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ، سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ماٺِ مارِيندِي پِرِينءَ جِي، مَتان رُوئين رَتُ، ڇورِي ڇَڏِ مَ سَتُ، ھِمَٿَ ھوتُ وِڃايو.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ھاٿِي ھِمَٿَ سين ھَڻي، ھَرَڻا ھَٿُ نَہ ڏي، سامُهُون اَچي جَنِ کي، سي نِھوڙي نَي، اِنَ ڪيھَرِ ڪَنان ڪي، ڀَڳا…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]