ھِمَٿَ جي سنڌي معنيٰ
دليري، شڪتي، شجاعت، بھادري، قوت، سگهہ، ٻَلُ، ٻلواني، پھلواني، سورهيائي، جرات، طاقت، توفيق. ارادو، عزم، عالي حوصلو، قصد، دل جو مضبوط خيال.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Spirit, resolution, courage, bravery, energy.
ھِمَٿَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ،
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ساڻُ ھِمَٿَ،
جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ،
ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 13 ]
جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ،
ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 13 ]
ماٺِ مارِيندِي پِرِينءَ جِي، مَتان رُوئين رَتُ،
ڇورِي ڇَڏِ مَ سَتُ، ھِمَٿَ ھوتُ وِڃايو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 6 ]
ڇورِي ڇَڏِ مَ سَتُ، ھِمَٿَ ھوتُ وِڃايو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 6 ]
ھاٿِي ھِمَٿَ سين ھَڻي، ھَرَڻا ھَٿُ نَہ ڏي،
سامُهُون اَچي جَنِ کي، سي نِھوڙي نَي،
اِنَ ڪيھَرِ ڪَنان ڪي، ڀَڳا ڀاڳين اُبَهَنِ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 13 ]
سامُهُون اَچي جَنِ کي، سي نِھوڙي نَي،
اِنَ ڪيھَرِ ڪَنان ڪي، ڀَڳا ڀاڳين اُبَهَنِ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 13 ]
English Meaning
Spirit, resolution, courage, bravery, energy.