ھِرِي بابت
معنيٰ
ڪِري ڀڃي، رک ٽوڙِي، عادت ۾ پئي، بدپرھيزي ڪئي.
Mistaken, made blunder, cross prohibited, done restricted.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھارِئَا تو ھِرِي، ڪُپَجُ ڪايا سين ڪِئو، ڪِيَئِي جَي ڪِرِي، تَہ تُون تَوانو ٿِيين.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ، لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان، ڪُنَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- لَھِرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو، اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ، جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، ويٺِي نَہ ويساندِ، ويئِي لَھِرِيين پاندِ، مُيائِي ميھارَ ڏي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- آڻي جهوڪِئا جهوڪَ ۾، مِزمانَن مَھِرِي، چاٽِي چَنبَنِ ۾ وِئا، جِيئَن بازُ سٽي بَحِرِي، ڪوھِيارو قَھَرِي، وِئو نِھوڙي نِنڊَ ۾.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ، آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ، چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ، ڪَنڊا…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]