ھُرَ بابت
معنيٰ
يادگيري، ڪنھن ڳالهہ جو دل تي تري اچڻ واري حالت، خيال، يادگيرو، ساروڻي، کُنڌ، سار، انتظار، اوسيڙو، فڪر، ڳڻتي، کٽڪو.
Recall, remembrance, recollection.
بيتن ۽ وائين ۾
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ، آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ، مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- لَڪَ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڪاھِ، آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ، ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- تُنَ تنيدو آءُ، مَکِ ڏِھاڙِي مَڪُڙِي، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ، اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾، جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ، وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪِيمَ مَرَنِ، ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ، جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ، نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ، مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]