ھَڏُ بابت
معنيٰ
جسم ۾ ڪنڊو، ھڏو، لڱ، عضوو، جسم اندر پڪو پختو عضوو
bone, limb, organ

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، ھَڏُ چِيري چَمُ، عاشِقَنِ پَنھِنجو اَنگُ، لِلهِ ڪارَڻِ وَڍِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورَ ڪَنھِن مَ سَلُ، مَڇُڻ ڄِڀَ ڄَراٽِئين، ھَڏُ ڪَرِنگهَرُ مِکُ، مَنجهِئِي مَحَوُ ٿِيي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ٻيلِي ٿِئو مِرُوئا، تَہ ڏُونگَرَ ڏورِيان پِرِينءَ لاءِ، ھَڏُ وِجَهندِيَسِ ڇَپَرين ماھُ آن جو ڳاھُ، اَکِيُون ڇَڏيجا، جَنِ سان پَسان…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- آئُون جَي ھُيَسِ ھَڏُ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو، ساٿِ لَڏيِندي سَڏُ، مانَ ڪوھِيارا ڪَرِينِ مُون.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، ھَڏُ پُڻ ڏُکي ھوتَ کي، پِرِيَنِ جِي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَہ ڏِينِ، جٖي ماڻُهنِ کي…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڀَڳوئِي ڀيرِ، جانسِينءَ رَتو راس ٿِئي، بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، ھارِي ھَڏُ مَ ھيرِ، ڪَتُ ڪَتَندِيُون ڪيرِ، نَئين سين نِڃاڻِجي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- چيتارِيان چُڻِڪَن، وِسارِيانِ نَہ وَري، ويرو تارِ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀڳي ھَڏُ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- اِيءُ ڪيھَرِ جو ڪَمُ، جِيئَن ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گهُري، نِھوڙي ناڀُنِ سين، دَمائيسِ نَہ دَمُ، ڪِلي ويرَ قَدَمُ، کوڙي پَرَ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ڪيھَرَ ڪوڙي لَڳُ، جو ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گُهري، پَسي وَڏو وَڳُ، جَنبُو جِمَ جُھارِيين.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]