ھَمَه بابت
معنيٰ
سڀ، ڪل، مڙيوئي، مڙيئي، جملي.
All, every, everyone, the whole.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي، سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ، ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھَلِئا لالَ لَڏي، واللهُ يَدعُوا اِلَيٰ دارالسَلامِ ، صاحِبُ سَڀَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڏِسَڻُ ڏِسين جَي، تَہ ھَمَه کي حَقُ چَئِين، شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا اِنَهِينءَ ڳالِهہ ۾.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- ڪَنِ گُهرِجي ڪَلمُو، لَغوَ لَھوَ لاءِ، فِڪرَ سين ڦيراءِ تَہ ھَمَه کي حَقُ چُوئين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]